ڀڳت گوبنداس

ڀڳت گوبنداس: سنڌ-هند جي مقبول ڀڳت گوبنداس جو اصل نالو گوونداس ڪرپالداس ڪڪڙيجا هو. هن سکر ۾ 1915ع ۾ جنم ورتو ۽ پنج درجا سنڌي پڙهيو. ورهاڱي کان پوءِ پاڻ لڏي الهاس نگر ۾ وڃي رهيو. هن سڄي زندگي ”سنڌي ڀڳت“ وجھندي گذاري. هو گرٻاڻي، سورٺ ۽ پوج چاليها صاحب ڳائڻ ۾ وڏي دسترس رکندو هو. سنڌي جاتيءَ سندس ۾ وڏي عزت ۽ احترام هو. هن روايتي ڀڳت ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي، جيڪي خود پرسا ڀڳت ٿيا. سندس ڪلامن جون ڪيتريون ئي ڪيسيٽون جاري ٿي چڪيون آهن. جيڪي AIR ۽ ٻين خانگي ميوزڪ ڪمپنين جاري ڪيون آهن. هن سڄي ڀارت ۾ سنڌواسين جي مختلف محفلن ۾ ڀڳتي رنگ کي پکيڙيو آهي. کيس ڀڳت ڪنور رام جو آشيرواد به حاصل رهيو. کيس سنڌي پئنچاتن ۽ سنسٿائن پاران ڪيترا ميڊل ۽ اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.


لفظ ڀڳت گوبنداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو